27 هين ترميم خلاف سنڌ ۾ وڪيلن جو احتجاج،عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)27هين ترميم خلاف سنڌ ۾ وڪيل برادري جو احتجاج،عدالتن جو بائيڪاٽ خبر موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران سٽي ڪورٽ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي . ڪراچي بار جي صدرعامر نواز وڙائچ  چيو ته  اسان آئين ۽ عدليه کي بچائڻ چاهيون ٿا . هن چيو ته اسان جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منصور علي شاهه سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهيون .سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران عدالت جا دروازا بند ڪيا ويا، ڪنهن به سائيل کي عدالت اچڻ نه ڏنو ويوٻئي پاسي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن رحمان ڪورائي ۽ ٻين  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  ته پيدا ٿيل آئيني بحران خلاف لائحه عمل جوڙيو ويندو، 15 تاريخ تي سکر ۾ ڪنويشن منعقد ڪيو ويو آهي،وڪيل قافلن جي صورت ۾ سکر پهچندا .هنن چيو ته 27ترميم ۾ سپريم ڪورٽ جا مڪمل اختيار ختم ڪيا ويا آهن, اڄ به سنڌ ها۽ ڪورٽ ۾ ڪنهن به آئيني درخواست جي ٻڌڻي ناهي ٿي، 27 ترميم غير قانوني ۽ غير آئيني آهي .73جو آئين بهتر آهي, جنهن ۾ هر اداري جو پنهنجو پنهنجو ڪردار رهيو، 18 ترميم به بهتر آئي، سمجهه ۾ اهو نٿو اچي عدالتن کان هنن کي ڪهڙو مسئلو آهي، رحمان ڪورائي چيو ته ٻٻر لوءِ ته صرف هڪ ٽريلر هيو, تحريڪ هلي رهي آهي، جيڪا پوري ملڪ ۾ ڦهلائينداسين, ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي بدين بار ڪائونسل پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ بدين ٻاهران وڪيل اڳواڻ امير حسين پنهور منظور حسين چانڊيو ۽ لالا دلدار پٺاڻ جي اڳواڻي م احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته 27 آئيني ترميم سبب سپريم ڪورٽ کان اختيار کسي ڪمزور ڪيو ويو آهي جنهن سان انصاف نه ملندو هوڏانهن ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ارشاد شر جو چوڻ هو ته اسان جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منصور علي شاهه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اياز چانڊيو جو چوڻ  هو ته 27هين آئيني ترميم عدليه جي آزادي تي سڌو حملو آهي، هوڏانهن  هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي 27هين ترميم خلاف سمورين عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سينيئر ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله سان يڪهتي جو اظهار ڪندي حيدرآباد جي وڪيلن 27هين ترميم کي ملڪ جي آئين جي جوڙجڪ تي حملو قرار ڏنو آهي، وڪيلن جي بائيڪاٽ سبب حيدرآباد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ، سول ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو، بار ايسوسيئيشن جي صدر اشعر مجيد کوکر ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ چيو ته 27هين ترميم ذريعي سپريم ڪورٽ جي آزادي ختم ڪري ان جي اختيارن جي ورڇ کي بگاڙيو ويو آهي. ھالا ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو. ايڊووڪيٽ منير احمد ڳاھوٺي. رياض ڀٽي. آصف کوکر. حمير ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويوجڏهن ته ڄامشورو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، صدر ايڊووڪيٽ فهيم انڙ، جنرل سيڪريٽري واجد علي خاصخيلي، حيدر انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن جو ڪورٽ جي عمارت ٻاهريان احتجاج مظاهرو ڪري اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.