کنڊ في ڪلو اگهه وڌي 229 رپيا ٿي ويو، هفتيوار مهانگائي شرح 4.15 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح 4.15 سيڪڙو تائين پهچي وئي، مهانگائي ۾ واڌ جي شرح 0.53 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي جي هفتيوار رپورٽ موجب، هڪ هفتي  ۾ 15 ضروري شين جون قيمتون وڌيون، 12 شيون سستيون ٿيون ۽ 24 مستحڪم رهيون. هڪ هفتي ۾، ڪڪڙيون 20.33 سيڪڙو مهانگيون، ٽماٽا 12.03 ۽ ڪيلا 2.32 سيڪڙو، پٽاٽا 1.08 ۽ کاڄرو تيل 0.38 سيڪڙو مهانگو ٿيا. دال مسور، بيف، مٽن، ايل پي جي ۽ باهه ٻارڻ واري ڪاٺي جا اگهه وڌيا. هڪ هفتي ۾ بصر 6.65 ۽ چڻن جي دال 2.61 سيڪڙو سستي ٿي، ڳڙ، اٽو، مڱن جي دال ۽ ماش جي دال جي اگهن ۾ به گهٽتائي آئي. ٻئي پاسي ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام جي وڌ ۾ وڌ قيمت 229 رپين تائين پهچي وئي آهي، ڪوئيٽا جا شهري ملڪ جي سڀ کان مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڳڻپ کاتي جي انکن اکرن موجب، ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام قيمت 210 رپين کان وڌي 229 رپيا ٿي وئي آهي. گذريل هڪ هفتي ۾، ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام قيمت ۾ 19 رپيا واڌ ٿي آهي، پشاور ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام جي وڌ ۾ وڌ قيمت 200 رپيا آهي، جڏهن ته ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ في ڪلوگرام کنڊ جي وڌ ۾ وڌ قيمت 195 رپين تائين آهي. راولپنڊي ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام جي وڌ ۾ وڌ قيمت 190 رپين تائين آهي، رپورٽ موجب، گذريل هڪ هفتي ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام جي سراسري قيمت ۾ ٻه رپيا ۽ هڪ پيسو گهٽتائي آئي آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام جي سراسري قيمت گهٽجي 185.47 پئسا ٿي وئي آهي. گذريل هفتي تائين، ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام جي سراسري قيمت 187.48 رپيا هئي، جڏهن ته هڪ سال اڳ، ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلوگرام جي سراسري قيمت 132.24 رپيا هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.