اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن وفاقي وزير راڻا تنوير خطاب ڪرڻ چاهيو ته پ پ جي شيري رحمان وچ ۾ کيس دوکو ڏيڻ جو ٽوڪيندي رهي،پ پ جا ٻيا ميمبر به نعريبازي ڪندا رهيا،راڻا تنوير چيو ته مون کي خطاب ڪرڻ ته ڏيو،جيئن چوندو تيئن ٿيندو،اهي گوڙڪندا ته گوڙ ڪندا رهن،هن چيو ته پ پ کي ڪير دوکو ڏئي رهيو آهي؟هن شيري رحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مون کي ڳالهائڻ ئي نٿا ڏيو،توهان ڊڪيٽيٽر وانگر سلوڪ ڪري رهيا آهيو،هن چيو ته مان سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس ته ڪهڙيون سفارشون ڪندا آهيو؟