چنئي ۾ ڀارتي فضائيا جو جهاز ڪِري تباهه

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فضائيا جو هڪ ٻيو جهاز چنئي جي چنگل پٽو ضلعي جي تمبرم ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب پيلاٽس پي سي – 7 جهاز معمول جي تربيتي اڏام تي هو ته حادثو پيش آيو، پائلٽ وقت تي جهاز مان نڪري پنهنجي حياتي بچائي ورتي.
ڀارتي فضائيا چيو آهي ته ڪو جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.