سوڊان ۾ رتوڇاڻ روڪڻ ۾ ناڪامي دنيا جي هڪ داغ آهي: گڏيل قومون

گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر والڪر ترڪ چيو آهي ته سوڊان جي شهر الفشر ۾ رتوڇاڻ دنيا لاءِ هڪ داغ آهي، جيڪا تشدد روڪڻ ۾ ناڪام رهي.
سوڊان جي صورتحال تي پنهنجي بيان ۾ عالمي اداري جي هاءِ ڪمشنر چيو ته الفشر شهر جي زمين تي خلا مان ورتل تصويرن ۾ رت جا نشان ڏٺا ويا آهن.
هن چيو ته اسان جو عملو شاهديون گڏ ڪري رهيو آهي، جيڪي قانوني ڪارروائي ۾ استعمال ٿي سگهن ٿيون، عالمي فوجداري عدالت اشارو ڏنو آهي ته اهي صورتحال کي ويجهي نظر سان ڏسي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته الفشر شهر جي ان تڪرار ۾ ملوث سڀني ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان کين ڏسي رهيا آهيون ۽ انصاف جي فتح ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.