دادو (رپورٽ: غوث جھتيال) دادو ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بي آءِ ايس پي جي پيارو اسٽيشن سان واسطو رکندڙ ڊوائيس هولڊر احسان علي مري پاران 200 مستحق عورتن کي 27 لک رپيا جو نقصان پوڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊوائيس هولڊر ۽ ڪڪڙ فرنچائز انچارج هفتو اڳ ملي ڀڳت ڪري، مستحق عورتن جي وظيفي واري رقم آٽو وٿڊرا ذريعي ڦٻائي ورتي، ڊوائيس هولڊر فرار ٿي ويو. متاثر عورتن جون شڪايتون، پر لاڳاپيل عملدارن طرفان ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي. ڊوائيس هولڊر کي بچائڻ لاءِ بي آءِ ايس پي انچارج پاران رڳو ڊوائيس بلاڪ ڪرڻ جو عمل ڪيو ويو. متاثر عورتن ۽ سماجي ڌرين پاران اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي ۽ نيب کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، هنن گهر ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ پروگرام جي ڊي جي کي ملوث عملدارن خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.