سنڌ ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت،976 نوان ڪيس، مڇرمار ڦوهارو نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر)  صحت  کاتي سنڌ  ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران مجموعي طور 5 هزار 412 ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 976 ڪيس مثبت آيا۔ڪراچي ڊويزن ۾ 3 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 528 مثبت ڪيسن جي تصديق ٿي۔ حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 461 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 448 ڪيس مثبت آيا۔سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 127 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 84 نوان مريض داخل ٿيا۔گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي مان 2 فوتگيون رپورٽ ٿيون۔ هن مهيني ڊينگي سان متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 8 هزار 331 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال ۾ مجموعي طور تي صوبي ڀر ۾ ڊينگي سان متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 13 هزار 908 ٿي ويو آهي۔هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 269 مريض داخل آهن، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 184 مريض داخل آهن ٻئي پاسي ڊينگي ڪيس وڌڻ باوجود ڪراچي، ملير، سچل ڳوٺ،کپرو،گهارو،سکر،حيدرآباد سميت ڪٿي به مڇر مار ڦوهارو نه ڪرايو ويو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.