جارجيا ۾ ڪِري تباهه ٿيندڙ ترڪيه جي فوجي جهاز ۾ سوار سمورا 20 اهلڪار مارجڻ جي تصديق

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي بچاءَ واري وزير جارجيا ۾ ڪِري تباهه ٿيندڙ ملٽري ڪارگو جهاز ۾ سوار سڀني 20 اهلڪارن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سي – 130 جهاز اڱاري ڏينهن ڏيهه واپسي لاءِ آذربائيجان کان اڏام ڀري هئي، اهو جهاز جارجيا ۽ آذربائيجان جي سرحد ڀرسان ڪِري تباهه ٿيو.
بچاءَ واري وزير يشار گلر هڪ پيغام ۾ چيو ته اسان جا بهادر ڪامريڊ 11 نومبر تي شهيد ٿيا، حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.