پڪنڪ سانحي ۾ تبديل، ڊائو يونيورسٽي جا 6 شاگرد سمنڊ ۾ ٻُڏي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ منوڙي جي سمنڊ ۾ وهنجندي6 ميڊيڪل شاگرد ٻڏي ويا، جن مان ٽن کي بچايو ويو.
منوڙه هماليه ڪناري تي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي فائنل ايئر جي شاگردن جي پڪنڪ سانحي ۾ تبديل ٿي وئي، 6 شاگرد سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، جن مان ٽن کي بچايو ويو.
مستقبل جي 15 ڊاڪٽرن جو هڪ گروپ پڪنڪ لاءِ منوڙي جي سمنڊ تي ويو هو، وڏي بي رحم ڇوليون 6 شاگردن کي لوڙهي ويون.
سمنڊ تي موجود ريسڪيو عملي فوري طور ڪارروائي ڪندي 3 شاگردن کي بچائي ورتو، جڏهن ته 3 جا لاش ڪڍيا ويا.
فوتين ۾ احمد ڪاشف، اشارب منير ۽ اشهد شامل آهن، جيڪي ميڊيڪل جي فائنل ايئر جا شاگرد هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.