نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تلنگانا ۾ هڪ عورت، جيڪا مائرميڪوفوبيا (Myrmecophobia) معنيٰ ڪِولين جي خوف ۾ مبتلا هئي، ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
تلنگانا رياست جي ضلعي سنگاريڊي سان واسطو رکندڙ 25 ورهين جي منيشا نالي عورت ڪِولين جي خوف سبب انتهائي قدم کنيو.
پوليس موجب منيشا جي 2022ع ۾ چندم سري ڪانت نالي شخص سان شادي ٿي هئي، آپگهات واري ڏينهن جڏهن سندس مڙس ڪم تي ويو ته منيشا پنهنجي ٽن ورهين جي ڌيءَ کي مائٽن وٽ اهو چئي ڇڏيو ته ”گهر صاف ڪرڻ کانپوءِ کيس وٺڻ اينديس“، جڏهن مڙس واپس آيو ۽ در کڙڪايو ته اندر کان بند هو، پاڙيسرين جي مدد سان چندم سري ڪانت دروازو ٽوڙيو ته پنهنجي زال کي ڦاهيءَ ۾ ٽنگيل ڏٺائين.
پوليس جو چوڻ آهي ته منيشا ننڍپڻ کان ئي مائرميڪوفوبيا معنيٰ ڪِولين جي خوف ۾ مبتلا هئي، ڪجهه وقت اڳ منيشا پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي هڪ اسپتال ۾ ان خوف مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪائوسلنگ سيشن به ورتو هو.
پوليس موجب شڪ آهي ته منيشا گهر صاف ڪندي ڪِولين کي ڏسي ڊپ ۾ آپگهات ڪيو، مرڻ کان اڳ هن پنهنجي مڙس لاءِ هڪ نوٽ لکيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”مان انهن ڪِولين سان گڏ نٿي رهي سگهان، ٻار جو خيال رکجانءَ.
پوليس منيشا جي موت جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
مائرميڪوفوبيا (ڪِولين جو خوف) ڇا آهي؟
مائرميڪوفوبيا هڪ مخصوص قسم جو ڊپ آهي، جنهن ۾ متاثر شخص کي ڪِولين کان انتهائي خوف لڳندو آهي، ڪِولين کي ڏسي انهن جي دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آهي، پگهر اچڻ لڳندو آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي.
اهڙي حالت کي ٿراپي ۽ ڪائونسلنگ ذريعي بهتر بڻائي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن علاج نه ڪيو وڃي ته اهو دائمي پريشاني ۽ سماجي ويڳاڻائپ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
You might also like