قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم جي شق وار منظوري جو عمل مڪمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم جي شق وار منظوري جو عمل مڪمل ٿي ويو، اپوزيشن قومي اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.
قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم جي شق وار منظوري جو عمل مڪمل ٿي ويو، جڏهن ته اپوزيشن قومي اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.
اجلاس دوران قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ 27هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ رٿ پيش ڪئي.
هن چيو ته بار ڪائونسل، ايسوسيئيشن جي مشاورت کانپوءِ چيف جسٽس جي عهدي تي ڪجهه شڪ شبها هئا، اهو لکيل هو ته جيڪو موسٽ سينيئر هوندو اهو ڪميشن کي چيئر ڪندو، ترميمن سان واضح ٿي ويو ته جسٽس يحيٰ آفريدي ئي چيف جسٽس هوندو.
ان کانپوءِ 27هين آئيني ترميم تي شق وار ووٽنگ ڪئي وئي ۽ سموريون 59 شقون منظور ڪيون ويون، ترميم جي حمايت ۾ 233 ميمبرن ووٽ ڏنو، جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا، جمعيت علماءِ اسلام مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.