اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان حڪومت بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين دهشتگرد گروهن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري ته پاڪستان سهڪار لاءِ تيار آهي. عالمي پارلياماني اسپيڪرن جي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته افغانستان کي سمجهڻو پوندو ته ٽي ٽي پي جي حمايت سان امن حاصل نه ٿيندو. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٻاهران ٿيل آپگهاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڀارتي اسپانسرڊ خارجي فتني جي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. شهباز شريف چيو ته ڀارتي دهشتگرد پراڪسيز طرفان پاڪستان جي معصوم، هٿين خالي شهرين تي دهشتگرد حملن جي مذمت ڪيون ٿا، واقعي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان مان ڪارروائي ڪندي خارجي فتني وانا ۾ معصوم ٻارن تي به حملو ڪيو، ڀارتي پٺڀرائي ۽ افغان سرزمين تان جاري حملن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هٿين خالي معصوم پاڪستانين جون قربانيون ضايع نه وينديون.