اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آمريڪا، برطانيا، چين سميت عالمي برادري اسلام آباد ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. آمريڪي سفارتخاني جي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ موجب، پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽالي بيڪر اسلام آباد ضلعي عدالت ۾ خودڪش بم ڌماڪي تي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان يڪجهتي ۾ بيٺو آهي ۽ اڄ جي حملي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. ترڪيا، آسٽريليا، ايران ۽ ٻين به مذمت ڪندي پاڪستان سان ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي.