وانا (ع آ نيوز) ڪيڊٽ ڪاليج وانا ۾ استادن ، شاگردن سميت 650 ماڻهن کي دهشت گرد حملي کان بچائي سلامتي سان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته ٽي خارجي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي ٿيل صورتِ حال جا تازا وڊيو منظر سامهون اچي ويا آهن، جن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي ڪاليج اندر موجود ٻارن ۽ استادن کي محفوظ انداز ۾ ريسڪيو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڪاليج ۾ حملي جي وقت تقريباً 650 ماڻهن مان 525 ڪيڊٽ شامل هئا، ۽ سيڪيورٽي فورسز سڀني شاگردن ۽ استادن کي باحفاظت ڪڍي ورتو آهي.ذريعا اهو ٻڌائن ٿا ته آپريشن نهايت احتياط ۽ حڪمتِ عملي سان هلائي ويو، خاص طور تي جڏهن ڪاليج اندر افغان خارجين جي موجودگي جو اطلاع مليو .سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن کي جامع انداز ۾ حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ عملي هاڻي آخري خارجين کي ختم ڪرڻ تائين آپريشن جاري رکندو. انهي دوران سڀني شاگردن ۽ استادن جو حوصلو بلند رهڻ جو به اظهار ڪيو ويو آهي.