اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران آپگهاتي ڌماڪو، 12 ڄڻا شهيد، 36 زخمي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي جي اليون سيڪٽر ۾ ڪورٽ ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اسلام آباد ۾ اڱاري ڏينهن منجهند اٽڪل ساڍي ٻارهين وڳي جي اليون سيڪٽر جي ڪورٽ ويجهو زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي بمبار پوليس جي گاڏي جي ويجهو پهتو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، ڌماڪي سبب ويجهو بيٺل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته آپگهاتي بمبار جا عضوا اُڏي عدالت جي اندر وڃي ڪِريا. پوليس موجب، ڌماڪي ۾ ٽن گاڏين کي نقصان پهتو جن مان هڪ پوليس جي ۽ ٻه نجي گاڏيون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ واقعي واري تان مبينا آپگهاتي بمبار جي مُنڍي به هٿ آئي آهي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 36 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، زخمين ۾ وڪيل ۽ اصيل پڻ شامل آهن. ڌماڪي جي زخمين کي پمز اسپتال نيو ويو ۽ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب ڪورٽ ٻاهران ڌماڪي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ ۽ افغان طالبان جي پراڪسي خارجي فتنو ملوث آهي.  ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آپگهاتي بمبار ڪورٽ اندر وڃڻ جي ڪوشش ۾ هو، هو 10 کان 15 منٽ بيٺو رهيو ۽ اندر وڃڻ جي رٿابندي ڪندو رهيو، پوليس جي گاڏي پهچڻ تي هن پاڻ ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اسان جي پهرين ترجيح آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ڪرڻ آهي، حملي ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو ويندو. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن وانا ۾ به ڪار سوار آپگهاتي بمبار انٽري پوائنٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو هو، وانا ۾ به ڪليئرنس جاري آهي، وانا حملي ۾ افغانستان ملوث آهي ۽ اتي افغان علائقي مان ڪميونيڪيشن ٿيندي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.