جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ طرفان يوزر نيم فيچر متعارف ڪرائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ميٽا جي ملڪيت ميسيجنگ پليٽ فارم تي هڪ اهڙو نظام آزمايو پيو وڃي، جيڪو واهپيدارن کي يوزر نيم ريزرو ڪرائڻ ۾ مدد ڏيندو.
حقيقت ۾ واٽس ايپ کي ميٽا جي ٻين پليٽ فارمز سان به ضم ڪيو پيو وڃي ۽ واهپيدار اهي يوزر نيم چونڊي سگهندا جيڪي هو فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي استعمال ڪري رهيا آهن.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، تازي اڳڀرائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميٽا سڀني پليٽ فارمز کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
نئون فيچر اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ ڏٺو ويو آهي.
في الحال فيچر بيٽا ورزن واهپيدارن لاءِ دستياب ناهي، پر امڪان آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن وقت به هو اِهو فيچر استعمال ڪري سگهندا.
نئين نظام تحت واهپيدارن کي واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پروفائل ٽيب جي اندر يوزر نيم جو آپشن نظر ايندو.
اتان هو پنهنجي پسند جو ڪو به يوزر نيم ريزرو يا ميٽا اڪائونٽس سان جڙيل يوزر نيم چونڊي سگهندا.
واهپيدارن کي چونڊيل يوزر نيم وارن اڪائونٽن جي ملڪيت جي تصديق ڪرڻي پوندي، جيڪا ميٽا اڪائونٽس سينٽر ذريعي ڪئي ويندي.
جيڪي ماڻهو فيس بڪ يا انسٽاگرام يوزر نيم استعمال ڪرڻ جا خواهشمند نه هوندا، تن کي يوزر نيم سسٽم مڪمل طور متعارف ٿيڻ تائين اوسيئڙو ڪرڻو پوندو.
ياد رهي ته واٽس ايپ طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو هو ته يوزر نيم فيچر باظابطا طور 2026 ۾ ڪنهن وقت به متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
You might also like