سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو، احتجاج، جلسي، جلوس، 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ لاڳو قلم 144 ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي.
صوبائي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب هر قسم جي ميڙاڪي، جلسي، جلوس، ڌرڻي ۽ احتجاج تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب صوبي جي سڀني ضلعن ۾ قلم 144 تحت 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي رهندي، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته سنڌ ۾ 12 آڪٽوبر تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اڄ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.