اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ 27هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ تي سيف الله ابڙي کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.
پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ تصديق ڪئي ته سيف الله ابڙي جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته سيف الله ابڙي 27هين ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کانپوءِ چيو هو ته مان اهو ووٽ ان ڪري ڏنو، ڇو ته پاڪ فوج ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، مان جنرل عاصم منير جي قيادت تي فخر ڪيان ٿو ۽ ان جي ڪري ئي ووٽ ڏنو.
You might also like