”اوهان ته جنرل باجوا کي پيءُ بڻائي ڇڏيو هو“، خواجا آصف جي پي ٽي آءِ تي ٺٺول

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ تي طنز ڪندي چيو آهي ته اوهان ته جنرل باجوا کي پيءُ بڻائي ڇڏيو هو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي بيان ۾ هن چيو ته اسان ته آرمي چيف کي رڳو ڇوٽ ڏئي رهيا آهيون، اوهان کي ان تي به اعتراض آهي. هن چيو ته عمران خان اينڊ ڪمپني ته آرمي چيف جنرل باجوا کي پيءُ بڻائي ڇڏيو هو جنهن جو پڙاڏو اڄ تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.