ڪراچي ۾ اي چالان غير منصفاڻو قرار، ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اي-چالان جي ڏنڊن کي غيرمنصفاڻو قرار ڏيندي 25 نومبر تائين ڌرين کان جواب طلب ڪيو آهي. بس اونرز ايسوسيئيشن پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران، درخواست گذار جي وڪيل منصف جان ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي سزا ڏيڻ جو اختيار انتظاميا جو ناهي، پر رڳو ٽريفڪ مئجسٽريٽ کي موٽر وهيڪلز ترميمي ايڪٽ جي سيڪشن 121 اي تحت سزا ڏيڻ جو اختيار آهي. وڪيل وڌيڪ چيو ته اي-چالان ۽ ڏنڊن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي، ۽ شهر ۾ روڊن جي خراب حالت ۽ غير واضح ٽريفڪ نشانن کي نظر ۾رکندي، ڪمرشل بسن تي هڪ لک رپين تائين ڏنڊ ڪاروبار تي وڏو اثر انداز ٿيندو. عدالت سڀني ڌرين کي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.