شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ڀرسان زمين جي تڪرار تان سئوٽن هٿان سئوٽ قتل ٿي ويو آهي. سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لال بخش بروهي ۾ زمين جي تڪرار تان سئوٽن فائرنگ ڪري پنهنجي 45 ورهين جي سئوٽ محمد امين بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو.اطلاع تي ايس ايڇ او واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شھدادڪوٽ اسپتال کڻائي آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او عبدالرشيد ڪورڪاڻي ٻڌايو ته ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري 45 ورهين جي محمد امين بروهي کي قتل ڪيو آهي. جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا.