آءِ فون جا اهڙا فيچر جيڪي ڪنهن به فون ۾ نه هوندا، ڪمپني وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ايپل طرفان آءِ فونز ۾ حيران ڪندڙ نوان فيچرز متعارف ڪرائڻ واري منصوبي تي ڪم جاري آهي.
هاڻي به آءِ فونز جي مختلف ماڊلز ۾ سٽيلائيٽ ميسيجنگ تي ٻڌل فيچر ايمرجنسي سروسز لاءِ موجود آهي، جنهن ذريعي واهپيدار اهڙن هنڌن کان امدادي ادارن سان رابطو ڪري سگهن ٿا جتي سيلولر يا انٽرنيٽ سروسز جي سهولت ناهي هوندي.
پر هاڻي ڪمپني سٽيلائيٽ پاور تي آڌاريل وڌيڪ نون فيچرز تي ڪم ڪري رهي آهي.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ڪمپني هڪ اَي پِي آءِ تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ذريعي ايپ ڊيولپرز پنهنجي ايپس ۾ سٽيلائيٽ ڪنيڪشن سپورٽ شامل ڪري سگهن ٿا.
اهڙي طرح ايپل ميپس جو اهڙو ورزن تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو سيلولر يا واءِ فاءِ ڪنيڪشن کان سواءِ نيويگيشن ۾ مدد فراهم ڪري سگهندو.
ايپل سٽيلائيٽ ميسجز ۾ فوٽوز جي سپورٽ شامل ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب، آءِ فونز واهپيدار سٽيلائيٽ سان ان وقت به جڙي سگهن ٿا، جنهن وقت فون جو رخ آسمان ڏانهن نه هوندو.
نون فيچرز سان آءِ فون واهپيدار اهڙين حالتن ۾ لاڀ ماڻي سگهندا جڏهن روايتي موبائل نيٽ ورڪ دستياب نه هوندا.
رپورٽ موجب، نوان بنيادي فيچرز مفت هوندا، جڏهن ته ايڊوانسڊ سپورٽ لاءِ فيس ادا ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.