فاسٽ بالر نسيم شاهه جي گهر تي فائرنگ

لوئر دير (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي گهر تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.
فاسٽ بالر نسيم شاهه جي لوئر دير واري گهر تي اڻڄاتل ماڻهو فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، پوليس نسيم شاهه جي پيءُ جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.
نسيم شاهه جي پيءُ موجب اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني يا تڪرار ناهي.
پوليس موجب فائرنگ وقت نسيم شاهه گهر ۾ موجود نه هو ۽ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.