جسٽس منصور شاهه، منيب اختر،عائشه ملڪ ۽ اطهر من الله کي گهر موڪلڻ جي رٿابندي؟

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي مطيع الله جان ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته 27 هين  آئيني ترميم ۾ جسٽس منصور علي شاهه،جسٽس منيب اختر،جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله کي گهر موڪلڻ جو ڄار تيار ڪيو ويو آهي،آرٽيڪل 206 ۾ تبديلي ڪندي واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو ڪو جج سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت ۾ مقرر ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو،يا جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو ڪو جج وفاقي آئيني عدالت ۾ مقرري کان انڪار ڪري ته اهو جج پاڻمرادو پنهنجي عهدي کان ريٽائرڊ تصور ڪيو ويندو.انهيءَ ترميم جي روشنيءَ ۾، جڏهن جسٽس امين الدين کي بطور چيف جسٽس آئيني عدالت ۾ مقرر ڪيو ويندو ۽ صدر مملڪت چار موجوده ججن مان ڪنهن کي چيف جسٽس جي ماتحت بطور جج مقرر ڪندو، ته سوال اٿي ٿوڇا جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر اهڙي مقرري قبول ڪندا؟جيڪڏهن نه، ته بغير نئين حلف ۽ استعفيٰ جي، انهن کي پاڻمرادو ريٽائرڊ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.