نوشھرو فيروز(ڊ ر) ٺاروشاھ ۾ پ پ اڳواڻ ۽ موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل جي مک جوابدار رحمت الله سولنگي جي گھر تي نوشھروفيروز جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙھائي زمين جي مالڪي تان ٿيل جھيڙي جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار رحمت الله سولنگي ۽ سندس ڀائرن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو ھنيو ويو،جوابدار نـ ملڻ ڪري ڪيس ۾ گھربل پراڊو گاڊي کي تحويل ۾ وٺي ملازم کي پوليس گرفتار ڪري وئي، ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار ھٿ اچي نـ سگھيا، رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڀريا منظور احمد ليکي ٻڌايو تـ ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ قائم سولنگي ۾ ٽي ايڪڙ زمين جي مالڪي تان سندس سئوٽن محمد سولنگي ۽ ايڊوڪيٽ شير محمد سولنگي سان معاملو ھلندڙ هو جنھن جي اڄ انڪواري رکيل ھئي جڏھن تـ منھنجي نگراني ۾ ھلندڙ انڪواريءَ دوران رحمت الله سولنگي ۽ سندس ڀائرن فريادي محمد سولنگي مٿان حملو ڪري ڏنو جنھن جو مٿو فاٽي پيو جنھن بعد زخمي جي فرياد تي جوابدار پ پ اڳواڻ رحمت الله سولنگي سندس ڀائر حسين سولنگي نعمت الله سولنگي نويد سولنگي سميت 19 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو،جڏھن تـ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندس وائيٽ ھائوس گھر تي ڇاپو ھنيو جتان جوابدار فرار ٿي ويا ۽ ڪيس ۾ گھربل سندس پراڊو گاڏي ۽ ھڪ ملازم کي گرفتار ڪيو، رابطي تي پ پ اڳواڻ رحمت الله سولنگي ٻڌايو تـ منھنجي گھر ٻاھران اسانجي ٽي ايڪڙ زرعي زمين آھي جنھن تي منھنجا سئوٽ ڏاڍ ڪري زمين ڪاھي رھيا ھئا منع ڪرڻ تي ھنن حملو بـ اسان مٿان ڪيو ۽ ڪيس بـ اسانجي مٿان داخل ڪرايو آھي، وڪيل شير محمد سولنگي پوليس کي ڳري رشوت ڏئي منھنجي گھر مٿان پوليس چڙھائي ڪرائي آھي، پوليس منھنجي پراڊو گاڏي ھڪ ملازم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي وئي آھي جنھن خلاف عدالت سڳوريءَ جو در کڙڪايو ويندو.