لاهور(عوامي آواز رپورٽ)لاهور جي اڳوڻي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ(ر) جنرل عامر رياض چيو آهي ته دشمن اسان خلاف بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ سرگرم آهي،ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي مضبوط ۽ فعال هيڊڪوارٽر کپي،سينٽرلائزڊ اٿارٽي بڻائي پئي وڃي،ان ۾ ڪنهن جي خودمختياري جو اشو نه پيو اچي،نيول ۽ ايئر فورس جا سربراهه ڪورآرڊينيشن ۾ رهندا،انهن جا اختيار برقرار رهندا،نيوي ۽ ايئرفورس ۾ مقررين بدلين جا اختيار انهن جي سربراهن وٽ ئي رهندا،هن چيو ته ترميم سان ادارن ۾ توازن نه بگڙجندو،فوجي حڪمت عملي جو شاگرد انهن ڳالهين کي سمجهي سگهي ٿو،فوج جي صلاحيت وڌندي،اهو درست فيصلو آهي،ترميم جو اثر باقي فورسز جي خودمختياري نه پوندو،ترميم کانپوءِ به نيول ۽ ايئر چيف پنهنجي فورسز جا ڪمانڊر هوندا،سمورين فورسز جا انتظامي معاملا لاڳاپيل چيف پاس وٽ ئي رهندا،هن چيو ته سي ڊي ايف جو عهدو ادارن وچ ۾ مربوط حڪمت عملي لاءِ استعمال ٿيندو،هن چيو ته اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته ايئر چيف ۽ نيول چيف به سي ڊي ايف جي عهدي تي مقرر ٿين