اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي مضبوطي، ملڪ جي وسيع مفاد ۽ صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي وڌائڻ ۽ حڪمراني کي بهتر بڻائڻ لاءِ 27 هين آئيني ترميم لاءِ اسان سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي آهي. رپورٽ مطابق وزيرِ اعظم شهباز شريف حڪومتي ۽ اتحادي جماعتن جي سينيٽرن جي اعزاز ۾ سانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي وزيراعظم سينيٽرن جي آجيان ڪئي ۽ 27هين آئيني ترميم جي منظوري جي عمل ۾ سندن سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ سڀني اتحادي جماعتن جي سربراهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، سڀني اتحادي جماعتن قومي سوچ سان پوري طرح سان گڏجي ڪم ڪيو. شهباز شريف چيو ته حڪومت دوران حاصل ڪيل سڀئي سنگ ميل حڪومت ۽ اتحادي جماعتن جي گڏيل سهڪار جو نتيجو آهن،. وزيراعظم شهباز شريف سينيٽرن کان سينيٽ ۾ 27 هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، ۽ اتحادي جماعتن جي ميمبرن کي اڄ صبح نيرن تي به گهرائي ورتو آهي.