حڪمران پاڻ کي احتساب کان مٿانهون بڻائڻ چاهين ٿا:عوامي تحريڪ

ڪراچي/ ملير (پ ر/ ڊ ر) 27هين آئيني ترميم خلاف سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ جي حوالي سان عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي تياري ڪميٽي جو اجلاس ڊويزن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خصوصي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ طرفان اعلانيل ريلي جي حوالي سان ڪراچي مان ڀرپور شرڪت جي رٿابندي ڪئي وئي،ملير پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ستاويهن آئيني ترميم وسيلي سپريم ڪورٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي، وفاقي آئيني ڪورٽ بڻائي سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي راتاهو هنيو پيو وڃي. آئيني بينچ هيل تائين حڪومت جي مخالفت ۾ هڪ به فيصلو ناهي ڏنو، عدليا کي قيد ڪري پاڪستان ۾ عوام جا بنيادي آئيني جمھوري حق معطل ڪيا ويا آهن، ستاويهن آئيني ترميم قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جو قتل آهي، ستاويهن آئيني ترميم بدترين جمهوريت جو چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ستاويهن آئيني ترميم ننگي ڊڪٽيٽرشپ کي آئيني شڪل ڏني وئي آهي،27هين آئيني ترميم وسيلي حڪمرانن کي احتساب کان بالاتر ڪري بادشاهي نظام قائم ڪيو ويو آهي، بادشاهه حڪمران جيترو به ڪرپشن ڪن، انهن کان پڇاڻو نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.