جيڪب آباد (ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا چيو آهي ته تاريخ شاهد آهي ته جن ماڻهن به آئين سان دشمني ڪئي آهي اهي عبرت جو نشان بڻجي ويا آهن. اهڙين تڪڙين ترميمن ذريعي ادارن جي بدران فردن کي طاقتور بڻائن سان اهو لڳي ٿو ته ملڪ کي بادشاهت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي . ڪا به ترميم پيپلز پارٽي جي حمايت کان سواءِ ناممڪن آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪمران ايترا ڇو ڊڄن ٿا؟ ياد رکو ته الله وٽ به هڪ عدالت آهي. جماعت اسلامي 27 هين ترميم کي قبول نه ڪندي. ان کان اڳ، ان 26 هين ترميم جي به مخالفت ڪئي هئي. ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي بالادستي جي دعويٰ ڪندڙ پارٽيون، جيڪي مجبوري يا رضامندي سان انهن ترميمن جي حمايت ڪري رهيون آهن، اهي بعد ۾ پاڻ به روئنديون. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.،هن چيو ته هاڻي اپوزيشن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي لاءِ هڪ امتحان آهي. .