ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڊينگي جا ڪُل 5 هزار 150 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 999 ڪيس پازيٽو آيا، ڪراچي ڊويزن ۾ 3 هزار 827 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 535 پازيٽو ڪيسن جي تصديق ٿي، حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 323 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 464 ڪيس پازيٽو آيا، صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ واضح ڪيو ته حيدرآباد ۾ ڊينگي جي پازيٽو ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، گذريل هفتي جي شرح 46 سيڪڙو مان گهٽجي 35 سيڪڙو رهجي وئي آهي، حڪومت ڏينهن رات ڊينگي جي صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 105 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ 87 نوان مريض داخل ٿيا
حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت
حيدرآباد(رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد ۾ ڊينگي جو هڪ وڌيڪ مريض فوت ٿي ويو، جنهن بعد شهر ۾ ڊينگي سبب فوتين جو مجموعي انگ وڌي 41 تائين پهچي ويو آهي. سول اسپتال ۾ داخل ٿيل نوجوان محسن علي ڊينگي سبب حياتي وڃائي ڇڏي۔ فوتي محسن علي جونيئر اسڪول ٽيچر هو، جنهن کي اڱاري ڏينهن ڊينگي جي علامتن سبب سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽرن پاران کيس ڊينگي جي بيماري جي تصديق ڪئي وئي۔ علاج دوران سندس حالت بگڙجڻ بعد اڄ هو فوت ٿي ويو۔ ڊينگي جي ڪيسن ۾ لاڳيتو واڌ سبب حيدرآباد ۾ شهرين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ٿي ويو، جڏهن ته صحت کاتي جي ٽيمون اسپري ۽ جاچ مهم ۾ مصروف آهن، پر ان باوجود ڊينگي جا نوان ڪيس ۽ فوتگيون روڪڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن.