اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس ثمن رفعت خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
جسٽس خادم حسين سومرو، ڪلثوم خالق ايڊووڪيٽ جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي خارج ڪرڻ جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي درخواست خارج ڪئي، جڏهن ته صبر جو مظاهرو ڪندي عورت وڪيل تي ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته جج خلاف ڪارروائي جو درست فورم سپريم جڊيشل ڪائونسل آهي، جسٽس ثمن رفعت امتياز رڳو آبزرويشنز ڏنيون، ڪو حڪم جاري نه ڪيو، جنهن تي عملدرآمد ٿئي ها.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پٽيشنر توهين عدالت جي درخواست ۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي ڌر بڻايو، جيڪي آئيني عهدن تي ويٺا آهن، آئيني عهدي تي ويٺل شخص يا شخصيتن کي ڌر نٿو بڻائي سگهجي، جيستائين انهن خلاف ڪو پڪو ثبوت نه هجي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اعليٰ عدليا جو ڪو جج ان ئي عدالت جي ڪنهن ٻئي حاضر سروس جج خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ جو مجاز ناهي، ڪنهن حاضر سروس جج خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٻڌڻي جوڳي ناهي.
You might also like