هانگ ڪانگ سڪسز: پاڪستان ڪوارٽر فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي هارائي سيمي فائنل جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ سڪسز جي ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا کي 5 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
پاڪستاني ڪپتان عباس آفريدي ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم مقرر 6 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 102 رنسون ٺاهيون،
پروٽيز طرفان جورڪ وين 40 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته عبد الله بيومي ۽ ڪپتان جارڊن مور هڪ، هڪ رنس ٺاهي. بلڪي سمجمن ۽ يٿن جان ترتيبوار 26 ۽ 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان جي محمد شهزاد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڏکڻ آفريڪا جي 103 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان 3.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي.
اوپنر عبد الصمد 10 بالن تي 8 ڇڪين جي مدد سان شاندار 50 رنسون ٺاهيون.وڪيٽ ڪيپر بيٽر خواجا نافع 36، جڏهن ته ڪپتان عباس آفريدي ٻن بالن 12 رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.