اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر کانپوءِ وزيراعظم به فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ جي ترميم ڪميٽي ۾ پيش ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب ترميم حڪومتي ميمبرن سينيٽر انوشا رحمان ۽ سينيٽر ظاهر خليل سنڌو گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميم تحت آئين جي آرٽيڪل 248 ۾ صدر سان گڏ لفظ وزيراعظم به شامل ڪيو ويندو.
ترميم جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم خلاف به مدي دوران فوجداري ڪيسن جي ڪارروائي نه ٿي سگهندي.
You might also like