” معرڪاءِ حق“ ۾ دنيا پاڪستان جون جنگي صلاحيتون ڏٺيون، پاڪ فوج دشمن جا ست بهترين جهاز تباهه ڪيا: وزيراعظم

باڪو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ” معرڪاءِ حق “ ۾ دنيا پاڪستان جون جنگي صلاحيتون ڏٺيون، جڏهن ته پاڪ فوج دشمن جا ڏند کٽا ڪندي 7 جهاز تباهه ڪيا.
آذربائيجان جي فتح ڏهاڙي واري تقريب ۾ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فتح جي ڏهاڙي واري تقريب ۾ شرڪت مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، پاڪستان جي عوام جي طرفان آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
هن چيو ته پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪي هميشه دوستي ۽ يڪجهتي جو ثبوت ڏنو آهي، ٽنهي ملڪن جا دل هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪن ٿا.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ” معرڪاءِ حق “ ۾ دنيا پاڪستان جون جنگي صلاحيتون ڏٺيون، پاڪ فوج دشمن کي عبرت جو نشان بڻائيندي 7 بهترين جنگي جهاز تباهه ڪيا، ڪاميابين جو جشن ملهائڻ سان گڏ اسان کي مستقبل تي به نظر رکڻي پوندي.
شهباز شريف چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڀارتي اڳرائيءَ دوران پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آذربائيجان ۽ ترڪي جا ٿورائتا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته ” معرڪاءِ حق “ جي ڪاميابيءَ جي جشن ۾ آذربائيجان جي فوجي دستي جي شرڪت وڏي اهميت رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.