لنڊن(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير شاندار قيادت فراهم ڪئي آهي، ۽ هاڻي دنيا اسانجي ڳالهه ٻڌي رهي آهي. پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت زبردست ڪم ڪري رهي آهي ۽ تسلسل سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن جنهن سان ملڪ جو وقار دنيا ۾ وڌي رهيو آهي. لنڊن پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي بهتري لاءِ آئين ۾ ڪا ترميم ٿي رهي آهي ته اها خوش آئند ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون شهباز شريف جو رڪارڊ ناهي ٽوڙيو، پر ان جي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي، ۽ پنجاب جي عوام کان جيڪو پيار مليو آهي اهو منهنجي توقع کان گهڻو وڌيڪ آهي. مريم نواز ڀارت جي خلاف ڪاميابي تي هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي شاندار قيادت ۾ فوج شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.