پاڪ-افغان امن ڳالهين جو ٽيون دور به ناڪام، ٽياڪڙين به هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن ۽ پاڪستاني وفد واپس روانو ٿي چڪو آهي.
خواجا آصف چيو ته پاڪ-افغان ڳالهين جو ٽيون دور مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ دور جو هاڻي ڪو پروگرام ناهي ۽ اسان خالي هٿ واپس آيا آهيون، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٽياڪڙين کي به افغانستان مان هاڻي ڪا اميد ناهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته ترڪي ۽ قطر جا ٿورائتا آهيون، جن دل سان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته افغان وفد چيو ته سندن ڳالهين جو جو زباني اعتبار ڪيو وڃي، جيڪو ممڪن ناهي، ڇو ته عالمي بحثن دوران آخري فيصلو هميشه لکت طور تي ڪيو ويندو آهي، ڳالهين دوران افغان وفد اسان جي موقف سان متفق هو، پر لکڻ تي راضي نه ٿيو.
خواجا آصف چيو ته هاڻي ڳالهين جو دورو ختم ٿي چڪو آهي، ٽياڪڙين به هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن انهن ٿوري به اميد هجي ها ته هو چون ها ته ” توهان ترسو“ ته اسان به ترسي پئون ها.
بچاءَ واري وزير موجب، اسان خالي هٿ واپس آيا آهيون، جيڪو دليل آهي ته ٽياڪڙين کي به هاڻي افغانستان مان ڪا اميد ناهي، جيڪڏهن افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان تي حملو ٿيندو ته جواب ڏنو ويندو.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن افغان سرزمين تان ڪا ڪارروائي نه ٿيندي ته اسان لاءِ سيز فائر قائم آهي، پر جيڪڏهن افغانستان طرفان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان اثرائتو جواب ڏينداسين، اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان تي حملو نه ڪيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ استنبول ۾ ڳالهين جو ٽيون دور شروع ٿيو هو، پر پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.