هٿياربند فوجن بابت آرٽيڪل 243 ۾ ڪهڙين ترميمن جي تجويز آهي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي منظوري لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، ترميمي مسودي تحت هٿياربند فوجن جي سربراهن بابت آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ به ترميمن جون تجويزون شامل آهن.
ترميمي مسودي موجب، وزيراعظم جي صلاح تي صدر، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊي فينس فورسز جي مقرري ڪندو.
آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمي تجويزن تحت چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو 27 نومبر 2025 تي ختم ٿي ويندو.
چيف آف آرمي اسٽاف وٽ چيف آف ڊي فينس فورسز جو عهدو به هوندو.
وزيراعظم جي صلاح مشوري سان نيشنل اسٽرٽيجيڪ ڪمانڊ جو سربراهه مقرر ڪندو، نيشنل اسٽرٽيجيڪ ڪمانڊ جو تعلق سربراهه پاڪ فوج سان هوندو.
حڪومت کي اختيار هوندو ته هٿياربند فوجن سان لاڳاپيل آفيسرن کي فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس ۽ ايڊمرل آف فليٽ جي اعزازي عهدن تي ترقي ڏئي سگهي.
فيلڊ مارشل جو رينڪ ۽ مراعتون تاحيات هونديون، يعني فيلڊ مارشل سڄي حياتي لاءِ فيلڊ مارشل رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.