ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاھ جو رابطو، ٻنھي اڳواڻن وفاقي حڪومت طرفان امڪاني 27ھين ترميم سميت سنڌ کي درپيش مسئلن توڙي گڏيل دلچسپي جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪاشف سعيد شيخ چيوته جماعت اسلامي 27ھين ترميم کي مڪمل طور رد ڪري ٿي ان کان اڳم اسان 26ھين ترميم کي به ڪو نه قبوليو ھو. جمھوريت پسند قوتن کي ڀرپور جدوجهد ڪرڻ گهرجي.