ملير / ڪراچي (ڊ ر+پ ر) عوامي تحريڪ پاران 27هين آئيني ترميم خلاف عوامي سجاڳي مهم، ڪراچي ڊويزن جو دورو، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ ۽ محمد علي ساهڙ شانتي نگر، شاهه لطيف لطيف ٽائون ۽ ريڙهي ڳوٺ سميت ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري علائقي واسين کي سنڌياڻي تحريڪ طرفان اعلانيل سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان کانسواءِ وسند ٿري، ڪاشف ملاح ۽ نويد عباس ڪلھوڙو ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پهچي ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ ميمبر سنڌ بار ڪائونسل، ايڊووڪيٽ ڪاظم حسين مھيسر نائب صدر ڪراچي بار ايسوسيئيشن، ايڊووڪيٽ امير آزاد پنهور جنرل سيڪريٽري بڊين بار، ايڊووڪيٽ امر حسيب پنھور ٽريزار ڪراچي بار ايسوسيئيشن، ايڊووڪيٽ معين مگسي، ايڊووڪيٽ حلاج مھيسر، ايڊووڪيٽ جسوند ۽ ٻين وڪيلن سان ملاقات ڪري کين مارچ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته 27هين آئيني ترميم سنڌ جي وجود تي وار آهي، سنڌ سميت مظلوم قومن جا وسيلا ڦرڻ جي سازش آهي. 27هين آئيني ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.