ڊينگي تي ضابطو نه آيو، سنڌ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 124 ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) صحت واري کاتي سنڌ طرفان سڄي صوبي ۾ ڊينگي جا تصديق ٿيل ڪيسز بابت نئين رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور 5 هزار 393 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 124 ڪيس پازيٽو آيا آهن، ڪراچي ڊويزن ۾ 4 هزار 1 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 589 ڪيس پازيٽيو آيا، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 392 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 535 ڪيس مثبت ثابت ٿيا، سيڪريٽري صحت سنڌ ريحان بلوچ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 111 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 101 نوان ڪيس داخل ٿيا، صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 97 مريض ۽ خانگي اسپتالن مان 99 مريض صحتياب ٿي گهر موٽيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي صوبي مان ڪنهن به مريض جي فوت ٿيڻ جي ڪا به رپورٽ ناهي، هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 244 ۽ خانگي اسپتالن ۾ 205 ڊينگي جا مريض داخل آهن، ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 256 بيڊ، حيدرآباد ۾ 165 بيڊ ۽ اندرون سنڌ ۾ 566 بيڊ مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوري صوبي ۾ گڏيل طور 987 بيڊ موجود آهن، ڪراچي جي  خانگي اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 200 بيڊ، حيدرآباد ۾ 208 بيڊ ۽ اندرون سنڌ ۾ 66 بيڊ مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن سان گڏ صوبي ڀر ۾ نجي اسپتالن ۾ 474 بيڊ ڊينگي لاءِ مخصوص آهن۔ ان وقت سڄي صوبي مان 52 ليبارٽريون ڊيٽا فراهم ڪري رهيون آهن، ڪراچي ۾ 34 ليبارٽريون ڊينگي ٽيسٽنگ ڪري رهيون آهن، جن مان 12 سرڪاري ۽ 22 خانگي آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 18 ليبارٽريون سرگرم آهن، جن مان 7 سرڪاري ۽ 11 خانگي شامل آهن، جڏهن ته خيرپور ۾ وڌيڪ ٻه ڄڻا ڊينگي ۾ مبتلا ٿي ويا، مريضن جو انگ 8 ٿي ويو، ٺري ميرواهه جو رهواسي زاهد حسين شر ۽ پيرمنڱيون جو رهواسي 22 سالن جي سليم پٽ حبيب الله ڪلهوڙو کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، عثمان شاھ ھڙي خي ڊينگي وائرس جو هڪ ڪيس ظاھر نوجوان کي ڊينگي جي ٽيسٽ بعد رپورٽ پازيٽو اچي وئي عثمان شاھ ھڙي جي ڳوٺ سانوڻ خان مري جو رهواسي 23 سالن جو نوجوان عمران مري جي طبيعت ناساز هئڻ سبب ٽيسٽون ڪرايون ته ڊاڪٽرن پاران ڊينگي پازيٽو ظاهر ٿي وارثن پاران نوجوان کي اسپتال داخل ڪرايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.