پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ 27 هين آئيني ترميم جي مسودي تي ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ 27هين آئيني ترميم جي مسودي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جي سڏايل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ڪابينا جو اجلاس 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري لاءِ سڏايو ويو هو، جنهن ۾ آئيني ترميم جي مسودي بابت آگاهي ڏيڻي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي اتحادي 27هين آئيني ترميم جي مسودي تي اڃا تائين اتفاق راءِ تي نه پهتا آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي حڪومت کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ق) سميت ٻين اتحادي جماعتن طرفان منظوري لاءِ گرين سگنل ڏنو ويو آهي، پر پيپلز پارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ 27هين آئيني ترميم جي مسودي تي ڊيڊ لاڪ اڃا تائين برقرار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي پارٽي سان صلاح مشوري بعد مسودي ۾ ترميمون آڻي حڪومت کي آگاهه ڪندي، ۽ مسودي تي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن جي اتفاق راءِ کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.