ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور بالي ووڊ جوڙي ڪترينا ڪيـف ۽ وِڪي ڪوشل جي گهر پُٽ جي پيدائش ٿي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي وڪي ڪوشل طرفان پنهنجن مداحن سان اِها خبر شيئر ڪئي وئي.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ”اسان جي گهر خوشين جو بنڊل اچي ويو آهي، اڻ ڳڻين محبتن ٿورن سان، اسان پنهنجي ٻچڙي کي ڀليڪار چئون ٿا.“
وڪي ڪوشل پنهنجي ننڍڙي شهزادي جي ڄم جي تاريخ ٻڌائيندي لکيو ته سندس پيدائش 7 نومبر 2025 تي ٿي آهي.
اداڪار جي پوسٽ شيئر ٿيندي ئي ساٿي فنڪارن، مداحن ۽ فالوورز طرفان جوڙي کي واڌايون ۽ ننڍڙي شهزادي لاءِ نيڪ خواهشن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته بالي ووڊ اسٽارز ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل وچ ۾ ڊگهي عرصي تائين رومانوي لاڳاپا رهيا، ٻنهي نوَ ڊسمبر 2021ع تي راجسٿان جي ريزورٽ ۾ شاهاڻي انداز سان شادي ڪئي هئي.
You might also like