اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان سان ٿيل سرحدي ڇڪتاڻ واري معاملي تي پاڪستان ثبوتن تي ٻڌل مطالبا ترڪي ۾ ٽياڪڙين حوالي ڪري ڇڏيا آهن.
هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڪستان جو وفد ڳالهين لاءِ هن وقت استنبول ۾ موجود آهي، جڏهن ته پرڏيهي کاتي جي نمائندگي لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري علي اسد گيلاني ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ عاصم ملڪ پڻ استنبول ۾ وفد ۾ شامل آهن.
هن چيو ته استنبول ۾ پاڪستاني وفد ٽياڪڙين سان پنهنجا منطقي ۽ دستاويزي ثبوت شيئر ڪيا آهن، جڏهن ته وچ ۾ پيل ڌريون افغان طالبان سان اسان جي مطالبن تي ڳالهيون ڪري رهيون آهن.
ترجمان چيو ته پاڪستان طرفان ٽياڪڙين کي ڏنل ڄاڻ مصنفاڻي ۽ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل آهي، اسان جا مطالبا بلڪل سادا، واضح، منطقي ۽ ثبوتن تي ٻڌل آهن، ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ ۽ نتيجن تائين اسان ڪو به بيان يا تبصرو نه ڪنداسين.
ترجمان چيو ته ڳالهين ۾ ٽياڪڙين پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري بيانن تي ڌيان نه ڏنو وڃي، پاڪستان جو واضح موقف آهي ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ طاهر اندرابي چيو ته چمن واقعي بابت افغانستان جي دعويٰ رد ڪريون ٿا، فائرنگ جي شروعات افغانستان کان ٿي، گذريل ڏينهن يا اڄوڪي چمن وارن واقعن کي سرحد کولڻ بابت هاڪاري اشارو نٿو چئي سگهجي، مثبت جائزي کانپوءِ ئي سرحد کولڻ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڳالهين ۾ افغانستان طرفان چمن سرحد جي ڀڃڪڙي جو معاملو به اٿاريو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهين وارو عمل جاري آهي ۽ في الحال ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، پر افغانستان جي سرزمين مسلسل پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، انهن حملن ۾ معصوم ماڻهو نشانو بڻجن ٿا، پاڪستان جو بنيادي مطالبو اهو ئي آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي.
طاهر اندرابي چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، جڏهن ته والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جو شڪار آهن، ڀارتي ميڊيا ۾ انٽليجنس آفيسرن جي ملاقاتن ۽ رقم جي افواهن جون ڳالهيون رڳو پرين جون ڪهاڻيون آهن.
هن چيو ته اسان جي بهادر هوائي فوج دشمنن جا جيڪي به جهاز ڪيرايا، اهي هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن، اسان پنهنجي ائير فورس جي دعويٰ تي قائم آهيون، هوائي فوج پاڻ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ سگهاري دشمن شڪست ڏني، ڀارت آمريڪي صدر کان جنگ بندي لاءِ درخواست ڪئي، آمريڪي صدر جو موقف نهايت اهم آهي.
ترجمان چيو ته ڀارت جا جيڪي جهاز تباهه ٿيا، انهن ۾ رافيل ۽ ٻين ماڊلز بابت ٿوري مونجهارو آهي، پر ڪيرايل جهازن جي انگ ساڳيو آهي جيڪو پهريان ڄاڻايو ويو، اسان پنهنجن شهرين جي جانين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنداسين.
هن چيو ته پاڪستان ڳجهن ادارن جي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڳجهي ادارن جي اهلڪارن سان ملاقاتون رد ڪري ٿو ، نه اسان ڪا ملاقات ڪئي آهي ۽ نه ئي غزا ۾ فوج جي بدلي ۾ ڪا رقم گهري آهي، ڀارتي ميڊيا بي بنياد ۽ ڪوڙين خبرن لاءِ مشهور آهي.
طاهر اندرابي وڌيڪ چيو ته غزا ۾ امن فوج موڪلڻ وارو فيصلو پارليامينٽ ڪندي، في الحال غزا ۾ امن فوج موڪلڻ بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.
ترڪي ۾ افغان طالبان سان ڳالهيون، پاڪستان ثبوتن تي ٻڌل مطالبا ٽياڪڙين حوالي ڪري ڇڏيا
You might also like