هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ سڪسز ٽورنامينٽ ۾ ڀارت بارش سبب متاثر ميچ ۾ پاڪستان کي ٻن رنسن جي فرق سان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان جي ڪپتان محمد عباس ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڀارت پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 86 رنسون ٺاهيون ، جڏهن ته پاڪستان جي محمد شهزاد ٻه وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 6 اوورن ۾ 87 رنسن جو هدف مليو، پر پاڪستان ٽن اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 41 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ته برسات شروع ٿي وئي.
مسلسل برسات سبب ميچ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت ختم ڪيو ويو، جنهن ۾ ڀارت ٻن رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.
You might also like