ٺٽو/ٻهارا(رپورٽ: منصور جلالاڻي+احمد علي) عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو، ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو ۽ گھنور خان زئور جي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ سان اقتدار جي لالچ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري پاڪستان ۾ شامل تاريخي وحدتن ۽ قومن جو وجود، ٻولي، ثقافت جو نالو نشان ختم ڪرڻ چاھي ٿي. انتظامي يونٽن جي نالي ۾ نوان صوبا ٺاھي پاڪستان جو وجود ختم جي ملڪ دشمن سازش آھي. ھنن چيو ته سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن 27ھين آئيني ترميم خلاف پاڪستان جي گھڻگھرن، ترقي پسندن ۽ جمھوريت پسند ڌرين کي پرامن جمھوري جدوجھد ڪرڻ کپي. ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان 16 نومبر تي سٽي گيٽ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين عظيم الشان پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويندو. ٻئي پاسي لال جروار ۽ مرڪزي اڳواڻ نورنبي پليجو شھر ٻھارا پھتا حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ريلي جون دعوتون ڏنيون،مرڪزي اڳواڻن سان بلاول لاشاري محبوب ڪڙمون معشوق انڙ ٺاروخان شيخ ڏونگر سنڌي رمضان شيخ محمد علي تنيو عبدالستار پليجو ۽ ٻيا گڏ ھئا