ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي عورت صدر ڪلاڊيا شين بام سان حامين سان ملاقات دوران هرساني جو واقعو پيش آيو آهي.
گڏيل قومن جي عورتن بابت ايجنسي (يو اين وومين) جي انگن اکرن موجب، ميڪسيڪو ۾ 15 سال يا ان کان وڏي عمر وارين لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو عورتون پنهنجي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو جنسي هراساني جو شڪار ٿين ٿيون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ميڪسيڪن صدر سان هراساني جو اِهو واقعو اڱاري ڏينهن پيش آيو، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
شين بام صدارتي محل جي ويجهو هڪ تقريب لاءِ رواني ٿي، هن رستي ۾ سپورٽرن سان ملاقات ڪئي، هوءَ حامين سان هٿ ملا رهي هئي ۽ تصويرون به ڪڍرائي رهي هئي، ان دوران هڪ همراهه پٺيان آيو ۽ غيراخلاقي انداز ۾ صدر کي ڇُهندي کيس ڳچيءَ تي چُمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽ موجب، صدارتي سيڪيورٽي ٽيم جي هڪ اهلڪار ترت ان همراهه کي پٺتي ڌڪو ڏنو، ٻڌايو پيو وڃي ته اِهو شخص نشي ۾ هو.
اهڙي رويي باوجود ڪلاڊيا شين بام ان همراهه سان مهذب انداز ۾ پيش آئي ۽ ساڻس تصوير ڪڍرائڻ تي راضي ٿي، بعد ۾ سيڪيورٽي اختيارين اطلاع تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ميڪسيڪو جي عورتن جي حقن واري کاتي جي سربراهه طرفان صدر سان پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
You might also like