طور خم گذر گاهه 25هين ڏينهن به بند، اربين رپين جو نقصان

اسلام آباد (بيور) طورخم واپاري گذر گاهه ٻنهي ملڪن جي واپار لاءِ  25هين ڏينهن به بند رهي، ڪسٽم ذريعن موجب گذر گاهه جي بندش سبب ڪارگو گاڏين جون ڊگهيون قطارون برقرار آهن، جڏهن ته ايمپورٽ،  ايڪسپورٽ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جون هزارين گاڏيون مختلف هنڌن تي  بيٺل آهن، عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان افغانستان ڏانهن سيمينٽ، دوائون، ڪپڙو، تازا ميوا ۽ ڀاڄيون سميت ڪيتريون ئي شيون برآمد ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته افغانستان مان ڪوئلو، سوپ اسٽون، سڪا ۽ تازا ميووا  ۽ ٻيون مختلف شيون درآمد ڪيون وڃن ٿيون، ذريعن موجب طورخم  واپاري گذرگاهه مان ٻنهي ملڪن وچ ۾ روزانو سراسري طور 85 ڪروڙ رپين جو واپار ٿئي ٿي، جنهن ۾ 58 ڪروڙ رپين جي ايڪسپورٽ ۽ 25 ڪروڙ رپين جي درآمد شامل آهي، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪ-افغان واپار مان پاڪستاني ناڻي کي روزانو 5 ڪروڙ رپيا حاصل ٿين ٿا، جڏهن ته واپار جي معطلي سبب قومي معيشت کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.