اسلام آباد(عوامي آوازرپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ اعلان ڪيو آهي ته ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم ”نڪتہ“ مان برطرف ڪيل سڀني 37 صحافين کي ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر نوڪريون فراهم ڪيون وينديون۔قومي اسيمبلي اجلاس جي شروعات تي پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن مختلف ميڊيا ادارن، خاص طور ”نڪته ڊجيٽل“ مان ملازمن جي برطرفي خلاف احتجاج ڪندي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو۔احتجاج کان پوءِ وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ وفاقي وزير امين الحق صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ سندن تحفظات ٻڌا۔ ان موقعي تي عطا تارڙ اعلان ڪيو ته حڪومت صحافين جو روزگار بچائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ برطرف صحافين کي نوڪريون مهيا ڪيون وينديون،واضح رهي ته نڪته ڊجيٽل پليٽ فارم ناليواري صحافي ڪامران خان جي اڳواڻي ۾ ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون ملڪ رياض جو آهي