ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي پوري صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ڀر ۾ مجموعي طور 5 هزار 511 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1 هزار 130 ڪيس پوزيٽيو آيا، ڪراچي ڊويزن ۾ 3 هزار 937 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 527 ڪيسن جي تصديق ٿي، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 603 ڪيس پازيٽو آيا، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 129 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 126 نوان مريض داخل ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي ۾ هڪ مريض فوت ٿي ويو، هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 251 ۽ خانگي اسپتالن ۾ 264 مريض داخل آهن. ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 256 بستر، حيدرآباد ۾ 165 ۽ اندورن سنڌ ۾ 558 بستر مخصوص ڪيا ويا آهن.