گهوٽڪي( ت ر)گهوٽڪي ۾ جئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض احمد چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 27 ترميم سنڌ دشمن ترميم آهي،سنڌ جو ڪو به غيرت مند پٽ اهڙي ترميم کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو،27 ترميم جي ڪري سنڌ صوبن جا معدني وسيلا مرڪز حوالي ڪيا پيا وڃن جنهن سازش خلاف سنڌ جو هر ماڻهو ديوار بڻجي بيٺو آهي، سنڌ حڪومت پهرين به 18 توڙي 26 ترميم ذريعي سنڌ جو گئيس، تيل،زمينون وفاق حوالي ڪيون ويون آهن، سنڌ جي گئيس ۽ تيل بجلي جو 41 پرسنٽيج وفاق حوالي آهي، هاڻ ميونسپل جو نظام به 27 ترميم جي نالي تي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڪالا باغ ڊيم سميت سنڌ جي ٻيٽن سميت سنڌ دشمن هر فيصلي جي مخالفت ڪنداسين، رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته سنڌ جا قوم پرست سياستدان توڙي مختلف پارٽين جا اڳواڻ سڀ گڏيل پليٽ فارم تي آهيون،9 تاريخ تي سنڌ ۾ گڏيل طور تي احتجاج ڪيو ويندو پوري سنڌ سراپا احتجاج هوندي.